سيد محمد مڪي1

سيد محمد مڪي1: سنڌ جو ناليوارو بزرگ ۽ ولي الله سيد محمد مڪي بن سيد محمد شجاع 22 محرم 510هه/1116ع تي مڪي شريف ۾ ڄائو. هن جو اصل نالو حمزه هو. کيس محمد ۽ محمود به سڏيندا هئا، آخر هو محمد مڪيءَ جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ تبليغ جي خيال سان 560هه/1165ع ڌاري سنڌ ۾ آيو. سنڌ ۽ پنجاب جو مڪمل سير سفر ڪيائين، آخر موجوده حيدرآباد کي پنهنجو مسڪن بڻايائين. سندس گفتگو روحاني ر ازن سان ڀريل هوندي هئي. پاڻ 8 ذوالحج 658هه بمطابق 14 نومبر 1260ع ۾ وفات ڪيائين. سندس هڪ فرزند مخدوم صدرالدين ’خطيب‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. 12 صديءَ کان پوءِ سيد مڪي شاهه جي درگاهه، حيدرآباد ۾ ٺهرائي وئي. 1082هه/ 1671ع ۾ نواب عزت خان جي ڪوششن سان سندس مزار تي مقبرو جڙي راس ٿيو. هن وقت شاهه مڪيءَ جو مقبرو اوقاف کاتي جي سنڀال هيٺ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0510.01.22  هجري

سنڌ جو ناليوارو بزرگ ۽ ولي الله سيد محمد مڪي بن سيد محمد شجاع 22 محرم 510هه/1116ع تي مڪي شريف ۾ ڄائو.


0658.12.08  هجري

سيد محمد مڪي 8 ذوالحج 658هه بمطابق 14 نومبر 1260ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پلي مبارڪ اثيم
صورت سنڌي
دولت خان پنيو
قائداعظم محمد علي جناح
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
سيد پريل شاھ
حڪيم مير محمّد وفا لکوي
ڄام محمد ايوب عالياڻي
ٿهيم عبدالرزاق جسٽس
درويش راڄو ستيو دل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون